شبير احمد مخدوم

شبير احمد مخدوم: ‘تذڪره مخاديم کهڙا شريف’ جو مصنف نامور اديب، محقق، پروفيسر مخدوم شبير احمد ولد مخدوم امير احمد جو جنم، 01 جنوري 1942ع تي کهڙا، ضلعي خيرپور ۾ ٿيو. مخدوم کهڙا خاندان، سنڌ جو نامور گهراڻو آهي. شبير احمد جو والد 1947ع ۾ حيدرآباد ۾ رهائش پذير ٿيو، جنهن سبب شبير احمد سموري تعليم حيدرآباد ۾ حاصل ڪئي. سندس تعليم ايم. اي سنڌي آهي. شبير احمد 1966ع ۾ سانگهڙ ۽ سنڌيءَ جو استاد مقرر ٿيو. 1968ع ۾ ٺٽي ۾ مقرر ٿيو. 1969ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ڊي. جي ڪامرس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. 1981ع ۾ ترقي ماڻي مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد ۾ پروفيسر مقرر ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.01.01  عيسوي

پروفيسر مخدوم شبير احمد ولد مخدوم امير احمد جو جنم، 01 جنوري 1942ع تي کهڙا، ضلعي خيرپور ۾ ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پدم راج شرما
بهاري لعل ڇاٻڙيا 2
شيخ محمد اسماعيل
روشن علي تنيو
شمس الدين قريشي
شيوارام ڦيرواڻي
عبدالقيوم صائب
عابد مظهر ڊاڪٽر
چانڊيو عبدالحئي پروفيسر
ساقي سجاولي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون